اسلام آباد -10 جون (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته ملڪ جي ترقي جو ڦ??ٿو ڦرندو ته ترقي ٿيندي، اتحادي حڪومت پهريون ڀيرو سالياني ترقياتي پروگرام کي 1150 ارب رپين تائين وڌايو آهي. ان ۾ 491 ارب رپيا بنيادي ڍانچي لاءِ رکيا ويا آهن. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سماجي بهبود، تعليم، ايس ڊي جي??، پاڻي، فزيڪل پلاننگ سميت اهم شعبن لاءِ فنڊ رکيا ويا آهن. اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا جي منصوبن لاءِ 61 ارب رپيا رکيا وي?? اهن. زرعي طور پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ 45 ارب رپ??ن جا منصوبا شامل آهن. اهڙي ??يت آءِ ٽي ۽ سائنس لاءِ به رقم رکي وئي آهي. صوبن جي ترقياتي بجيٽ 1509 ارب رپ??ن جي ويجهو هوندي. مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن پي ايس ڊي پي تي عمل ٿيو ته صوبا به ان تي حقيقي بنيادن تي عمل ڪندا ته 3.5 سيڪڙو اوسر واري شرح جو هدف حاصل ڪري وٺنداسين.