اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڄ آچر ڏينهن گڏيل عرب امارات ويندو. وزيراعظم کي دوري جي دعوت ابوظهبي جي ولي عهد ۽ هٿياربند ف??ج جي سپريم ڪمانڊر شيخ محمد زيد بن سلطان النيهان ڏني آهي. پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وفاقي و??ير اسد عمر، پيٽروليم وارو وزير، توانائي ۽ واپار بابت سندس صلاحڪار ساڻس گڏ هوندا.