اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد خان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب معيشت بهتري طرف گامزن آهي ۽ جلد ئي عوام کي حڪومت جي معاشي پاليسين جا مثبت اثر ڏسڻ ۾ ايندا، اسان کي احساس آهي ته عام ماڻهو جي لاءِ خرچن ۽ آمدني جي توازن کي برقرار رکڻ هڪ چئلينج کان گهٽ نه آهي. اي پي پي سان ڳالهائيندي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته سرڪاري نيوز ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي ري ماڊيو??نگ?? وڊيو نيوز سروس جي ويب ٽي وي ۽ اداري جي ڊجيٽلائيزيشن حڪومت جي اولين ترجيح?? ۾ ??امل آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته اهو ادارو مستقبل ۾ جديد د??ر جي گهرجن ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدا?? ۾ ??المي معيار موجب پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي.