ڪرتارپور – 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ج?? وچ ۾ بنيادي مسئلو ڪشمير جو آهي، ڪشمير جو تڪرار حل ٿيڻ ??ان سڄو ننڍو کنڊ ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو ۽ امن ??ان ڪروڙين ماڻهن جو ڀلو ٿي سگهي ٿو، هي رڳو زمين جو معاملو نه آهي پر انسانيت ج?? مسئلو آهي، والاريل ڪشمير ۾ انسانن ??ان جانورن وانگر سلوڪ ڪيو پيو وڃي، خوشي آهي ته ڪرتارپور لنگهه کولڻ ??ان سکن جي دل خوشي ??ان ڀريل آهي. ڪرتارپور لنگهه جو باضابطا افتتاح ڪرڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان باب?? گرو نانڪ ديوجي جي 550 هين سالگرهه تي سموري سک برادري کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن کي ڪرتارپور اچڻ تي ڀليڪار چيو.