لاهور – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عواڻ سُندس فائونڊيشن جو دورو ڪيو، رت جو عطيو ڏنو ۽ شاگردي واري زماني، ڊاڪٽري پيشي سان واڳيل هجڻ سان گڏوگڏ بطور سو??ل ورڪر يادون تازيون ڪيون، ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عواڻ جو چوڻ هو ته 22 ڀيرا سُندس فائونڊيشن کي پنهنجو رت عطيو ڪري چڪي آهيان ۽ سُندس فائونڊيشن قائم ??يڻ کان وٺي هن اداري سان واڳيل آهيان.