اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجي ڪنهن سان دشمن?? نه آهي، نه ڪنهن کان بدلو وٺڻ چاهيان ٿو، جيستائين ليڊرشپ جو احتساب نه ٿيندو ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، امير ۽ غريب جي وچ ۾ وڌندڙ ??رق ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، ڪشمير جو مسئلو پوائنٽ آف نوريٽرن تي پهچي ويو آهي، ميرٽ ۽ ليڊرشپ جو احتساب جمهوريت جو بنيادي اصول آهي، ملڪ ۾ صحيح معنيٰ ۾ احتساب جو عمل نه هليو ته اسان اڳت?? نه وڌي سگهنداسين. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ سيشن دوران پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومتي قدمن ۽ پاليسي، معيشت جي صورتحال، پرڏيهي محاذ تي پاڪ??تا?? جي ڪاميابين جو تفصيل سان ذڪر ڪيو.