اسلام آباد – 27 آڪ??وب?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته ڪشميري عوام جي حق پرست جدوجهد ۾ انهن جي نه ختم ٿيندڙ حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ڀارت جي غير انساني قدمن، وحشياڻي ڏاڍ، ”هندو توا“ آر ايس ايس، بي جي پي حڪومت جو انتها پسنداڻو چهرو بي نقاب ڪري ڇڏي?? آهي، ڀارت جا قدم عالمي قانونن، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين سان ڀا??تي واعدن جي خلاف ورزي آهن، ڪشمير هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي گهرن ۾ قيد آهن، ڀا??تي ظلمن جي انتها ۽ رياستي دهشتگردي جي باوجود ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪشمير ۾ ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 73 سال ا?? اڄوڪي ڏينهن ڀا??تي فوج عالمي قانونن ۽ انساني اصولن جي خلاف ورزي ڪندي سرينگر ۾ لٿي، گذريل سال پنج آگسٽ تي ڀارت والاري?? ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تڪراري حيثيت ۽ ان جي آبادي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لاءِ قدم کنيو، ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کي ڪشميري عوام، پاڪستان ۽ عالمي برادري رد ڪيو.