اسل??م آباد – 13 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه سي پيڪ علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ جو هڪ ذريعو آهي، سي پيڪ نه ??ڳو پاڪستان پر پوري وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ رابطن کي اڳتي وڌائيندو، ان منصوبي سان چين ۽ پاڪستان کانسواءِ ايران، افغانستان، ڀارت، وچ ايشيائي رياستن ۽ خطي جا ٻيا ملڪ به لاڀ پرائيندا، پاڪستان خطي ۾ امن، ترقي ۽ معاشي استحڪام جو خواهشمند آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اقتصادي راهداري بابت پارلياماني ڪميٽي جي اهتمام هيٺ سي پيڪ جي حوالي سان منعقد بحث مب??حث?? جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، بحث مب??حث?? جو عنوان سي پيڪ تحت سيڙپڪاري، وا??ار ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ پارليامينٽ جو ڪردار آهي.