اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز چيو آهي ??ه گلگت جي عو??م پاڪستان تحريڪ انصاف کي تمام گهڻي پذيرائي ڏني آهي، مخالف ڌر جي تقريرن ۽ بيانن سان لڳي ٿو ته اهي پنهنجي شڪست کي ڌانڌلي جو نالو ڏيندا، اهي ??قتدار جي حوس ۾ مبتلا آهن، انهن جي سوچ جمهوري نه آهي، جمهوريت جو لباس پائي مسلم ليگ (ن) چونڊيل حڪومت جي خا??مي لاءِ غيرآئيني طريقو اختيار ڪري رهي ??هي، ڪورونا جي باوجود معاشي صورتحال بهتري طرف گامزن آهي، شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدم جاري آهن، سياسي مخالفن بابت اڻوڻندڙ زبان جو استعمال مسلم ليگ (ن) جو شيوو آهي، اهي ماڻهو اقتدار کي عو??م جي ڀلائي جي لاءِ نه پنهنجي ڪرپشن بچائڻ ۽ دولت وڌائڻ جي لاءِ استعمال ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.