اسلام آب??د ?? 25 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 144 هين سالگرهه ??ي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان قائداعظم محمد علي جناح کي ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ جي قيام لاءِ سندس ڪردار ک?? ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن چيو ته اسان پاڪستان کي مستحڪم ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ لاءِ قائداعظم جي نظرين تي عمل ڪرڻ جو وچن ڪريون ٿا.صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ٻه قومي نظريو پيش ڪيو، هو اقليت?? جي حقن جو سڀ کان وڏو حا??ي هو ۽ انه?? جي حق?? جي حفاظت جي ضمانت ڏني هئي.