اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هڪ پرامن مستحڪم ۽ خوشحال افغانست??ن جي لاءِ سڀني ڌرين کي تشدد جي خاتمي، جنگ بندي ۽ تڪرار جي سياسي حل لاءِ تعميراتي انداز ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، افغان تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي ۽ ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، افغانستان ۾ امن جي واپسي سان علائقي ۽ دنيا تي اقتصادي ترقي، علائقائي واپار ۽ بهتر رابطن جي ذريعي ڊگها مثبت اثر پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي افغانست??ن جي مسعود فائونڊيشن جي سربراهه احمد ولي مسعود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ا??مد ولي مسعود جي گرم جوشي سان آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ڀائراڻي لاڳاپن، گڏيل تاريخ، مذهب، ثقافت ۽ روايتن ۾ ٻڌل آهن، هن افغان مزاحمت دوران هڪ اهم مجاهد ليڊر جي طور تي مرحوم ا??مد شاهه مسعود جي تاريخي ڪردار جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم چيو ته افغان تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان کانپوءِ پاڪستان، افغانستان ۾ امن جي قيام جو سڀني کان وڏو خواهشمند آهي. ڇاڪاڻ جو ان تڪرار جي ڪري هو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. افغان امن عمل جي تڪرار ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ??ين الافغان ڳالهين جي آغاز ۽ آمريڪا ۽ طالب??ن جي وچ ۾ امن معاهدي ۾ سهولت لاءِ ڀرپور تعاون ڪيو آهي. ??ين الافغان ڳالهيون هڪ تاريخي موقعو فراهم ڪن ٿيون ۽ افغان قيادت کي هڪ جامع، وسيع البنياد ۽ بامقصد ساسي حل لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.