اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته ماضي جي ڪوتاهين جي نتيجي ۾ اڄ عوام پيسجي رهي آه??، بجلي جا مهانگا منصوبا لڳايا ويا، پهچ ۽ ورڇ جي نقص??نن تي ضابطو آڻڻ ۽ سسٽم جي خرابين کي ٺيڪ ڪرڻ جي رخن کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو جنهن جو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجلي جي قيمتن ۽ خاص طور تي بجلي جي شعبي ۾ گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم کي بجلي جي موجوده قيمتن، گردشي قرضن ۽ انهن قرضن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان تجويز ڪيل حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني ??ئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت جي ڪوششن جي نتيجي ۾ جتي ٽيڪنيڪي ۽ غير ٽيڪنيڪي نقص??نن ۾ گهٽتائي جو رجحان سامهون آيو آه?? اتي بجلي جي بلن جي وصولين ۾ به بهتري آئي آه??. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽريبيوشن لاسز (پهچ ۽ ورڇ) ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي ??ئي آه??. ڀرپور ڪوشش آه?? ته پهچ ۽ ورڇ جي مد ۾ ٿيندڙ اصل نقص??نن ۽ نيپرا پاران منظور ٿيل شرح جي وچ ۾ فرق کي گهٽ ترين سطح تي آڻي سگهجي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نقص??نن تي ضابطو آڻڻ ۽ وصولين کي بهتر ڪرڻ جي حوالي سان ايندڙ ٻن سالن ۾ مقرر ڪيل ٽارگيٽ جي نتيجي ۾ تقريبن سوا ٽي سئو ارب روپين جي بهتري ايندي جنهن جو فائدو صارفين کي ميسر ايندو.