اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت واڌويجهه جي شرح ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي فروغ سان معاشي عمل ۾ تيزي ايندي، اڳوڻين حڪومتن پاران کنيل قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ملڪ کي انهي صورت ۾ ڪڍي سگهجي ٿو جڏهن ملڪي پيداوار ۾ اضافو ٿئي. هن اهڙن خيالن جو اظهار معاشي استحڪام ۽ ترقي جي حو??لي سان ترجيحي شعبن جي فروغ ۾ اڳڀرائي جي حو??لي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صنعت وارو وزير محمد حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف بخاري، اس??يٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا. وزيراعظم کي ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن لاءِ سهولتن جي فراهمي جي حو??لي سان هن وقت تائين جي اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اس??يٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ننڍي ۽ وچولي صنعتن کي ضمانت جي فراهمي (ڪوليٽرل) کانسواءِ بئنڪن پاران ڪاروبار جي لاءِ قرضن جي فراهمي جو انتظام ڪيو پيو وڃي. اس??يٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ضمانت کانسواءِ قرضن جي فراهمي (ڪوليٽرل في لينڊنگ) سان ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي فروغ ۾ چڱي خاصي مدد ملندي، ان حو??لي سان اس??يٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته پهريون ڀيرو حڪومت اس??يٽ بئنڪ ۽ بئنڪن ۾ موثر پارٽنرشپ جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي. اس??يٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ان اسڪيم تحت اس??يٽ بئنڪ پاران تقريبن 50 سيڪڙو رسڪ لاس گارنٽ (نقصان جي رسڪ جي حو??لي سان گارنٽي) فراهم ڪئي ويندي. هن ٻ??ايو ته بئنڪن پاران ان حو??لي سان نهايت جوش ۽ جذبي ۽ دلچسپي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. اس??يٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايس ايم ايس کي خصوصي طور تي قرضن جي فراهمي جي حو??لي سان مخصوص ڪيل بئنڪن ۾ اضافي صلاحيت پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. اس??يٽ بئنڪ پاران ايس ايم ايس کي قرضن جي فراهمي جي حو??لي سان بئنڪن جي ڀرپور حو??لا افزائي ڪئي پئي وڃي.