اسلام آباد – 21 R11; سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جي لعنت جي خاتمي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ٽيڪنالاجي جو استعمال مستقل حل آهي ۽ ان سا?? چونڊن جي وڃايل ساک ٻيهر بحال ٿيندي، اسان جي ملڪ ۾ چونڊن جي ضرورتن موجب روزاني جي بيناد تي 2 هزار کان وڌيڪ اي وي ايم مشينون تيار ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي، جيڪي ماڻهو اي وي اي?? جي مخالفت ڪري رهيا آهن انهن کي گهرجي ته چونڊن ۾ فراڊ کي روڪڻ لاءِ ڪا نئين تجويز ڏين. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قيادت ۾ حڪومت اي وي اي?? جي معاملن تي هر ڀيري مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏئي چڪا آهيون پر هنن ڪڏهن به ان معاملي کي سنجيده ناهي ورتو ۽ ناجائز اعتراض اٿاريا. فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ جي سياست جو بيناد صرف احت??اب ۽ شفافيت آهي، انهي سلسلي ۾ موجوده حڪومت مستقبل ۾ چونڊن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي، اي وي اي?? جي مخالفت ڪندڙ ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن جي خلاف آهن. هن چيو ته مخالف ڌر قومي يا عالمي ماهرن کي گهرائي اي وي ايم بابت پنهنجا خدشا ختم ڪري اسان کي ڪو به اعتراض نه آهي، اليڪشن ڪميشن اي وي اي?? جي خلاف مزاحمت ڪرڻ بدرا?? چونڊ پولنگ جي حق ۾ ڪم ڪري.