اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جاپان سان معاشي، ??اپاري، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ??يو آهي ته پاڪستان جاپان سان گڏيل اعتماد ۽ ا??هام تفهيم تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ جاپان جي سفير ڪونينوري متسودا سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم سفير کي پاڪستان ۾ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ مستقبل جي ذميوارين ج?? لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سفير جاپان جي نئين چونڊيل وزيراعظم فوميو ڪيشيدا کي خط لکڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم عمران خان ??يو ته پاڪستان جاپان سان پنهنج?? لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، جيڪي گڏيل اعتماد ۽ ا??هام تفهيم جي بنيادن تي قائم آهن. وزيراعظم جاپان سان معاشي، ??اپاري، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ سگهه ڏيڻ بابت پاڪستان جي عزم کي ورجايو. علائقائي تناظر ۾ وزيراعظم عمران خان ??يو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها نئين افغان انتظاميا سان مثبت رابطا رکي، ??وري انساني امداد بحال ۽ ا??غانستان جي منجمند اثاثن جي ريليز سميت اقتصادي تباهي کي روڪڻ ج?? لاءِ قدم کڻي. هن قومي مفاهمت ۽ ه?? ٺوس سياسي ڍانچي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. جاپاني سفير جاپان سان پاڪستان ج?? لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ خطي ۽ ا?? کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي حمايت ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا. سفير جاپاني ۽ ٻين شهرين کي افغانستان مان ڪڍڻ ۾ سهولت ڏيڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. سفير ٽيڪنيڪل انٽرن ٽريننگ پروگرام ۽ مخصوص هنرمند ورڪرز پروگرام تحت پاڪستان مان جاپان ۾ افرادي قوت جي برآمد تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صحيح ٿيل مفاهمت جي ياداشت تي پڻ روشني وڌي.