اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪي معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي، حقيقتون هي آهن ته مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ غير ملڪي مٽاسٽا جو ناڻو 12.5 سيڪڙو اض??في سان 8 ارب ڊالر، روانگي ??اپار 38 سيڪڙو جي اض??في سان 7 ارب ڊالرز آهي، 30 سالن کانپوءِ ڪنهن وزيراعظم زراعت تي ڌيان ڏنو آهي جنهن سان پاڪستان فوڊ سيڪيورٽي ۾ سرپلس ٿيڻ وڃي رهيو آهي.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ايف بي آر پهرين ٽه ماهي ۾ 38 سيڪڙو اض??في سان 1395 ارب جون ٽيڪس وصوليون ڪيون، هن چيو ته ٽيڪسٽائيل روانگي ??اپار 28 سيڪڙو اض??في سان 4.437 ارب ڊالر آهي، آءِ ٽي جي روانگي ??اپار ۾42.7 سيڪڙو اض??في سان 635 ملين ڊالر جو اض??فو ٿيو آهي جڏهن ته لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ جولاءِ آگسٽ جي پهرين ٻن مهينن ۾ 7.5 سيڪڙو اض??فو ٿيو، هن چيو ته خريف جي فصلن ۾ شروعاتي اطلاعن موجب ڪمند جي پيداوار ۾ 25 سيڪڙو اض??فو، مڪئي 18 سيڪڙو اض??فو، ڪپهه 60 سيڪڙو، چانور 18 سيڪڙو اض??فو متوقع آهي، انشاءُ الله ڪڻڪ جي آئينده پيداوار ۾ به رڪارڊ اض??فو ٿيندو.