اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وفاقي ڪابينا جو سڀاڻي اڱاري تي ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪيو ??يو آهي، هي ڪهڙو حسن اتفاق آهي ته جنهن نوٽري نواز شريف جي ??يڊيڪل رپورٽ جي تصديق ڪئي اهو ئي راڻا شميم جي بيان جي به تصديق ڪري رهيو آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز جي سزائن جي خلاف اپيلن تي فيصلو جڏهن اچڻ وارو آهي ان وقت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش عدليه تي هڪ ??ما?? وڏو حملو آهي جيڪو شريف خاندان پاران ڪيو ??يو آهي، (ن) ليگ جي ??اصر بٽ وغيره جج ارشد ملڪ جي جيڪا وڊيو ??اهي هئي اڄ تائين ان کي بطور ثبوت ڇو عدالت ۾ پيش نه ڪيو ??يو آهي. هو وزيراعظم هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهيو ??و. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته غلط بياني ۽ دوکيبازي (ن) ليگ جو شيوو آهي، (ن) ليگ ماضي ۾ عدالتن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي. هن چيو ته (ن) ليگ جا پراڻا طور طريقا هاڻي نه هلندا، ارشد ملڪ جي ??ڊيو اڄ تائين عدالتن ۾ جمع ناهي ڪرائي وئي. هن چيو ته پاڪستان جي عدليه آزاد آهي، وزيراعظم عمران خان قانون جي بالادستي جي ??اءِ ??ما?? گهڻي جدوجهد ڪئي آهي، اسان اتحادين کي سدائين گڏ کڻي هليو آهي، اسان جا اتحادي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين، چونڊ سڌارن ۾ اتحادي اسان سان گڏ بيٺل آهن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سدائين جي ??اءِ چونڊ ڌانڌلي جو رستو روڪڻ وڃي رهي آهي.