ڪوئيٽا – 15 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بلوچستان اسٽريٽجڪ لحاظ کان ??ڏي اهميت رکندڙ صوبو آهي، صوبي ۾ سياحت جا وسيع امڪان آهن ان ??اءِ گلگت بلتستان جي طرز تي بلوچستان ۾ به سياحت کي هٿي ڏيڻي پوندي، ڪوروان ??ائرس جي وبا جو قوم گڏجي مقابلو ڪيو ڇو ته ڪورونا وائرس وڏي آزمائش هئي جنهن ۾ خدا اسان کي ڪاميابي ڏني، وزيراعظم عمران خان جو واحد ليڊر آهي جنهن عام ماڻهو جي تڪليفن جو احساس ڪندي پاڪستان ۾ مڪمل لاڪ ڊائون نه هنيو، وفاق کي بلوچستان جي مسئلن جو ادراڪ آهي جنهن کي جل?? حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ قبائلي اڳواڻن، واپاري نمائندن ۽ ٻين طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان ??وقعي تي بلوچستان جو گورنر سيد ظهور احمد آغا، صوبائي وزير سردار صاله ڀوتاڻي، محمد خان ??هري، مبين خان خلجي، ظهور احمد بليدي، صوبائي محتسب نذر محمد بلوچ، ايم ڊي بلوچستان ايجوڪيشن فائونڊيشن پروفيسر شير زمان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڳالهين ذريعي ئي عوامي مسئلن جو بهتر حل ڳولي سگهجي ٿو اڄ جي ويهڪ انهي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. وقت ڏيڻ ۽ گورنر هائوس اچڻ تي قبائلي اڳواڻن جو ٿورائتو آهيان. عام ماڻهو جي مسئلن جو ادراڪ حڪومت جو فرض آهي. روانگي واپار ۽ آمدني واپار ۾ توازن آڻڻو پوند?? حڪومت روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عمران خان دنيا جو واحد وزيراعظم آهي جنهن ڪوويڊ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بلوچستان ??سيلن سان ??الامال آهي. بلوچستان ۾ سياحت جا وسيع امڪان آهن ان ??اءِ اسان کي گلگت بلتستان جي طرز تي بلوچستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻي پوندي. هن چيو ته ڪامياب جوان ??روگرام تحت 20 ارب رپين جا آسان ??رض ڏنا ويا. پاڻي جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ري سائيڪلنگ جي ضرورت آهي. اسان کي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ روايتي طريقن کان ??ٽي ڪم ڪرڻو پوندو. هنچ يو ته سوئي گئس مان ??وري ملڪ فائدو کنيو پر بلوچستان ??ڌيڪ فائدو نه کڻي سگهيو اسان کي بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ جديد طريقا اختيار ڪرڻا پوندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت زرعي شعبي ۾ وڏي سبسڊيز ڏيندي آهي. وفاق کي بلوچستان جي مسئلن جو مڪمل ادراڪ آهي جل?? حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سيڪيورٽي هوندي آهي تڏهن ئي سيڙپڪاري ايندي آهي. هن چيو ته وسيلن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻو آهي. نوجوانن کي نوڪرين جي لاءِ ڪامياب جوان اسڪيم بهتر پروگرام آهي جنهن مان ??ائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گذريل سال ڪامياب جوان ??روگرام جي ذريعي 20 ارب رپين جا ننڍا قرض ڏنا ويا. بلوچستان جي بارڊر تي قانوني واپار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ واپارين جي تجويزن بابت واپار واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن آڏو معاملو رکندس. بلوچستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ روزگار جا وڏا موقعا موجود آهن جنهن مان ??ائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. بعد ۾ قبائلي اڳوا??ن پاران صدر کي بلوچستان جي روايتي پڳ پارائي ??ئي. قبائلي اڳواڻن ۽ واپارين صدر کي صوبي جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي قبائلي اڳواڻن، ڪوئيٽا چيمبر آف ڪامرس جي نمائندن، سول سوسائٽي جا مسئلا ڌيان سان ??ڌا ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.