اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، رانديگرن جي چونڊ ۾ ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نوجوانن جي معاملن بابت خاص مددگا?? عثمان ڊار، عاقب جاويد، رانا عاطف ۽ ڪرڪيٽر شاهين آفريدي سان ڳالهائ??ند?? ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي 68 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، کين پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته رانديگرن جي چونڊ ۾ ميرٽ جي بالادستي هجي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيور جي ڪاميابي ?? ان جي نتيجي ۾ نوجوانن کي مختلف راندين ۾ پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جا موقعا ميسر اچڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خاص طور تي ڪرڪيٽ ۾ ڪامياب جوان ۽ لاهور قلندر جي تعاون سان ٽئلينٽ هنٽ پروگرام ۾ اڀرندڙ ڪرڪيٽرز جي ايندڙ پاڪستان سپر ليگ ۾ شموليت جي حوالي سان به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو جنهن تي وزيراعظم لاهور قلندر ۽ ڪامياب جوان پروگرام جي ڪ??ششن کي ساراهيو. وزيراعظم ڪرڪيٽر شاهين شاهه آفريدي جي ورلڊ ڪپ ۾ ڪارڪردگي کي ساراه??ند?? وڌيڪ محنت سان پاڪستاني ڪرڪيٽ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار جاري رکڻ جي تلقين ڪئي.