وزيراعظم عمران خان سان چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي ملاقات
بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) پا??ستان ۽ چين گڏيل معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي ا??فا?? ۽ گهڻ رخي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن ۽ نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پا?? چين ڪميونٽي قائم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان چين ۽ پا??ستان جي علائقائي رابطن ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل هدفن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سنگين صورتحال کي اجاگر ڪندي ڪشميري عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عالمي برادري پاران فوري قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا. ملاقات دوران ٻنهي ا??واڻن جي وچ ۾ خيرسگالي جذبي، گهري گڏيل اعتماد ۽ مفاهمت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻطرفي معاشي ۽ واپاري لاڳاپن، سي پيڪ تي ا??ڀرائي ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو. ڌرين پا?? چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي مرڪزيت جي عزم کي ورجايو ۽ گڏيل مفاد جي معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو عزم ظاهر ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيني وزيراعظم کي بيجنگ سرمائي اولمپڪس منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پا??ستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي بنيادي مفادن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ٿنڀ تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گذريل س??ل سفارتي لاڳاپن جي 70 سال جي موقعي تي تقريبن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي کي نئين سگهه ملي آهي. وزيراعظم ڪورونا وبا دوران پا??ستان جي مدد ۽ تعاون ۽ ويڪسين جي وقت سر فراهمي تي چين جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم عمران خان سي پيڪ جي پا??ستان جي انفراسٽرڪچر، توانائي، سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ عوام جي معيار زندگي ۾ بهتري جي حوالي سان تبديلي کي ساراهيو. هن چيو ته پا??ستان گڏيل طور تي طئي ٿيل صنعتي، واپاري، صحت، ڊيجيٽل ۽ گرين ڪوريڊورز جي ذريعي سي پيڪ جي معياري ترقي جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم چيني وزيراعظم کي سي پيڪ جي خصوصي اقتصادي زونز ۽ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ پاليسي اصول ۽ تعاون ۽ پا??ستان ۾ چيني شهرين جي تحفظ، منصوبن ۽ ادارن بابت کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خان علائقائي سلامتي بابت ڳالهه ٻولهه دوران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سنگين صورتحال کي اجاگر ڪيو ۽ ڪشميري عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عالمي برادري پاران فوري قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چين ۽ پا??ستان جي علائقائي رابطن ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل هدفن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي ا??واڻن گڏيل معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي ا??فا?? ڪيو ۽ گهڻ رخي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن ۽ نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پا?? چين ڪميونٽي قائم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.