اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي، موجوده حڪومت صحافين جي تحفظ لاءِ جرنلسٽ پ??وٽيڪشن بل اسيمبلي مان پاس ڪرايو، وزيراعظم عمران خان جي پنهنجو گهر اسڪيم تحت صحافين کي آسان قسطن تي گهرن جي لاءِ قرض فراهم ڪيو پيو وڃي. م??تا?? پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر شڪيل انجم ۽ عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چيو ته ??مي?? آهي ته م??تا?? پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت صحافين جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته م??تا?? پريس ڪلب جا صحافي پنهنجي قلم ۽ مائيڪ سان ڏکڻ پنجاب جي اهم خبرن خاص طور تي زراعت جي شعبي کان پوري پاڪستان ۽ دنيا کي آگاهه رکن ٿا. هن چيو ته لاهور پريس ڪلب ۾ صحافين کي صحت ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ باقي پريس ڪلبن جي ميمبرن کي پڻ صحت ڪارڊ فراهم ڪيا ويندا.