اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي، ته پاڪستان ج??ن عدالتون آزاد آهن، ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي، عدالت قوم جي ڀلائي لاءِ جيڪو به فيصلو ڪندي ان ج?? احترام ڪنداسين، پي ڊي ايم وارا جيڏانهن به ويندا ملڪ جي هر طبقي کي اسان ج?? فيصلي سان خوشي ٿي آهي، نوجوان طبقي کي اسان ج?? فيصلي کان تمام گهڻي خوشي ملي آهي، اپوزيشن ج?? سياست بٽڻ واري ٽيليفون ج??ڙي ٿي وئي آهي، ملڪ جو عوام سندن سازشن کي ناڪام بڻائ??ند?? ته جيئن ايندڙ ڪو پرڏيهي سازش جو هٿيار بنجڻ جي جرئت نه ڪري. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائ??ند?? ڪيو. شبلي فراز چيو ته جيڪا ڪيفيت اپوزيشن پيدا ڪئي آهي، ان ج?? مقصد سازش کي اڳيان وڌائڻ آهي، اپوزيشن وارا ملڪي پرڏيهي پاليسي کي محڪوم رکڻ واري ايجنڊا کي هٿي وٺرائي ر??يا آهن ج?? پاڪستان کي ڀڪاري چئي ڇڏيو آهي، اهي پاڪستان لاءِ اهل ئي ناهن. اهي ليڊر جن تي نيب ۽ ايف آءِ اي ۾ ڪيس آهن اهي هن ملڪ جي عوام ??اءِ اهل ئي ناهن. هڪ طرف هنن قوم کي ڀڪاري چيو ۽ ٻئي طرف سندن منشي جي اڪائونٽن ۾ به 4 ارب رپيا موجود آهن، انهن تي ڪرپشن جا وڏا وڏا ڪيس آهن. هنن ملڪ جي سياست کي تباهه ڪيو آهي ۽ جمهوريت کي ڪمزور ڪيو آهي. هنن سنڌ هائوس ۾ جنهن روايت کي هٿي وٺرائي آهي اها سڀني جي سامهون آهي. مري، ڇانگلا، ڇانگا مانگا ڪلچر سڀني جي سامهون آهي. شبلي فراز چيو ته اسان کي نئين چونڊن ڏانهن وڃڻو پوندو، اسان پهرين به عوام ??ٽ ويا آهيون ۽ هاڻي به انهن ڏانهن وڃي ر??يا آهيون. قوم ڄاڻي چڪي آهي ته پي ڊي ايم وارن ج?? ايجنڊا ڪهڙي هئي، هي ماڻهو اليڪشن کان ڇو ڀڄي ر??يا آهن، عوام ڏانهن اچن ۽ ميدان مقابلو ڪن، مقابلا ميدان ۾ ئي ٿيندا آهن. هن چيو ته هن ملڪ جو مستقبل عوام سان واڳيل آهي ۽ عوام اپوزيشن ج?? سازش کي ناڪام بڻائ??ند??. اسان عوام ڏانهن وينداسين ۽ فتح حق جي ٿ??ند??. خط بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ شبلي فراز چيو ته اپوزيشن پارلياماني ڪميٽي ۾ ڇو ناهي آئي. اسان پارلياماني ڪميٽي ۾ خط ڏيکاريو. عليم خان بابت پڇيل هڪ سوال بابت هن چيو ته جنهن طرح جون ڳالهيون عليم خان ڪيون ان تي افسوس ٿيو، آخري وقت تي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ جو ڪو جواز ئي ناهي.