اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آ??ي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور موڙ کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس سروس منصوبي ۾ 5 سالن جي د??ر جي جاچ ۽ غفلت جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آ??ي، اڳوڻن حڪمرانن پوڻا چار سالن جي نالائقي ۽ نااهلي لڪائڻ جي ??اء?? غيرملڪي سازش جي ڪوڙ جو رٽ لڳائي رکي آهي، انهن وٽ ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ جي ??اء?? ڪجهه نه آهي. هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 وڳي اسلام آباد ميٽرو بس سروس تي جاري ڪم جو جائزو وٺڻ ??اء?? پشاور موڙ ميٽرو بس جي سائيٽ تي پهتو. هن چيو ته هي منصوبو اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي د??ر ۾ 2017ع ۾ شروع ٿيو هو جنهن کي 2018ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو، ان ۾ 5 سالن جي د??ر ٿي ۽ مصنوبي تي ڪم مڪمل ن?? ٿيو. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف منصوبي ۾ دير جا جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آ??ي ۽ غفلت جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم رمضان المبارڪ ۾ ميٽرو بس سروس شهرين جي ??اء?? مفت هلائڻ جو حڪم ڏنو آ??ي، رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ شهري مفت سفري سهولتون حاصل ڪندا. هن چيو ته وزيراعظم اسلام آباد ميٽرو کي ٽن رستن کان موٽروي سان ڳنڍڻ جي فوري فزيبلٽي جي تياري جو حڪم پڻ ڏنو آ??ي ۽ باره ڪهو، پشاور موڙ ۽ روات جي روٽس تي ميٽرو هلائڻ جي ??اء?? فوري فزيبلٽي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي شهرين کي بهترين ۽ معياري سفري سهولتون يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن پنهنجي پوڻي چئن سالن جي نالائقي ۽ نااهلي لڪائڻ جي ??اء?? غيرملڪي سازش جي ڪوڙ جي رٽ لڳائي رکي آهي، نااهلي، نالائقي، سنگدلي ۽ ڪرپشن اڳوڻن حڪمرانن کان غيرملڪي سازش جو ڪوڙ ڳالهرائي رهي آهي ڇو ته انهن وٽ ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ جي ??اء?? ٻيو ڪجهه نه آهي.