اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين ??حمد صادق سن??راڻي پارلياماني وفد سان گڏ اسلام آباد ۾ يو اي اي جي سفارتخاني ۾ وڃي متحده عرب امارات جي صدر شيخ خل??فه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئ??، سينيٽ چيئرمين تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات لکيا، هن چيو ته شيخ خل??فه بن زيد النهيان جو لاڏاڻو نه رڳو يو اي اي جي عوام لاءِ وڏو نقصان آهي پر پاڪستانين ۽ مسلمان امت لاءِ وڏو صدمو آه??، سندس وفات سان پاڪستان هڪ سچي ۽ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو آهي. انسانيت ۽ مسلمان امت جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ شيخ خل??فه بن زيد النهيان جون خدمتون سدائين ??اد رکيون وينديون. سينيٽ چيئرمين چيو ته هو يو اي اي جي حڪومت ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آه??، سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي. سينيٽ چيئرمين سان گڏ پارلياماني وفد ۾ ڊپٽي چيئرمين ??رزا محمد آفريد??، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڊاڪٽر شهزاد وسيم، سينيٽرز پرنس احمد عمرزئي، مولانا عبدالغفور حيدري، عبدالقار، دوست محمد، نصيب الله بازئي شامل هئا. پارلياماني وفد شيخ خل??فه بن زيد النهيان جي مغفرت ۽ بلند درجن لاءِ دعا ڪئي.