اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پاڪستان افغانستان ۾ زلزلي ۽ ٻوڏ سبب ٿين??ڙ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ?? افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب جاري بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام افغانستان جي صوبي پڪتيڪا ۽ ان جي وي??هن علائقن ۾ ايندڙ المناڪ زلزلي ۽ سڄي ملڪ جي مختلف صوبن ۾ ايندڙ طوفاني ٻوڏ سبب قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ ۽ ملڪيتن کي پهچندڙ نقصان تي گهري ڏک ?? افسوس جو اظهار ڪيو.