لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي ل??ءِ ڪشمير ??سئ??ي جي حل لازمي آهي. وا??اريل ڪشمير ۾ امن قائم ڪرڻ جي ل??ءِ ضروري آهي ته آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ان جي اصل صورت ۾ بحال ڪيو وڃي. ڪشمير ??سئ??ي تي پوري پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان پارلياماني سفارتڪاري جي ذريعي سمورن عالمي ۽ علائقائي فورمن تي ڪشميرين جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهي رهيو آهي. اسپيڪر گڏيل قومن تي زور ڏنو ته هو ڪشمير ??سئ??ي تي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ ڀارت تي وا??اريل ڪشمير ۾ طاقت جي استعمال کي بند ڪرڻ جي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ تي ڀارت پاران عمر قيد جي سزا ٻڌائڻ ۽ ان تي ڪيل ظلمن جي سختي سان مذمت ڪئي ۽ عالمي انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته اهي ياسين م??ڪ سميت ڀارتي جيلن ۾ قيد سمورن حريت اڳواڻن جي آزادي جي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.