راولپنڊي – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ 75 هون دفاع جو ڏهاڙو گڏيل جوش ۽ جذبي ۽ عقيدت ۽ احترام سان م??هايو ويندو، سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ تقريري مقابلن، ملي نغمن ۽ ٽيبلوز ذريعي 1965ع جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو، ان م??قعي تي سيمينارز ۽ ڪانفرنسز پڻ منعقد ڪيون وينديون، 6 سيپٽمبر تي دفاع جي ڏهاڙي طور تي ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته نئين نسل کي باور ڪرائي سگهجي ته ڀارت 1965ع ۾ رات جي اونداهي ۾ ڪهڙي طرح ??زد??اڻي ڪارروائي ڪندي پاڪستان تي حملو ڪري ڇڏيو هو ۽ اسان جي بهادر هٿياربند فوج ڀارت کي سخت جواب ڏئي نه رڳو ملڪ جو دفاع ڪيو پر ڀارت کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. پهرين سيپٽمبر 1965ع تي جڏهن اها اطلاع ملي ته ڀارتي فوج ڪشمير ۾ پاڪستاني فوج کي نشانو بڻائڻ جو منصوبو بڻايو آهي ته پاڪ فضائيه هوائن ۽ فضائن ۾ پنهنجي حڪمراني ۽ عملداري ??ائ?? رکي، پاڪ فضائيه جي شاهينن جي جارحاڻي انداز ملڪ جي فضائي حدن کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو.