اسلام آباد -05 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي ??اءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن، بلوچستان ۽ سنڌ ?? هيلٿ ڪيمپس قائم ڪيا ويا آهن. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ هن چيو ته ٻوڏ جي هنگامي صورتحال ?? هيلٿ ڪيمپن مان ماڻهن کي رليف ملندو. هن چيو ته لسٻيلا سميت بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ?? هيلٿ ڪيمپون ڪم شروع ڪري چڪيون آهن. هن چيو ته سنڌ جي 7 ضلعن قمبر شهدادڪوٽ، دادو، نوشهرو فيروز، سانگهڙ، مٽياري ۽ بدين ۾ پڻ هيلٿ ڪي??پ لڳايا ويا آهن. هن چيو ته هيلٿ ڪيمپن ۾ دوائن سميت ??ري صحت سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي ??اءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي تباهي ٿي ??هي، اسان ڏک ۽ مصيبت جي هن گهڙي ۾ عوام سان گڏ آهيون.