اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم سان ماڻهن ۾ شعور اجاگر ٿيو آهي ۽ ماڻهن کي اها ڳالهه باور ڪرائڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪاميابي ملي آهي ته جلد تشخيص ۾ ئي ڇاتيءَ جي ڪينسر جو علاج ممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت ڪهاڻي جي اهتمام هيٺ ”آئون زندهه بچي سگهان ٿي“ جي ??وضوع تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ??ريضن جي ??دد لاءِ جوبلي انشورنس جي تعاون سان ڪينسر پروڊڪشن پروگرام شروع ڪرڻ تي صحت ڪهاڻي کي ساراهيان ٿو، جنهن جي ??دد سان مريضن تي پوندڙ مالياتي بار کي گهٽ ڪري سگهبو ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي علاج تي جيڪو خرچ ا??ي ٿو، ان حوالي سان ماڻهن کي انشورنس فراهم ڪئي ويندي، ان پروگرام سان گڏ مفت اسڪريننگ جي سهولت به فراهم ڪرڻ خوش آئنده آهي، ڇو ته بريسٽ ڪينسر جو علاج ڪافي مهانگو آهي ۽ هڪ عام ماڻهو پنهنجي طور تي ان جي علاج جو بار برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهڙن پروگرامن کي مستقبل ۾ وڌيڪ توسي?? ڏني ويندي.