شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ وڌندڙ اعليٰ سطحي رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب سان گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو عزم رکي ٿو، سعودي ولي عهد جو پاڪستان جو دورو گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ??رڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي ولي عهد ۽ ??زي??اعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان ڳالهائيندي ڪيو، ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات شرم الشيخ ۾ ”ڪوپ – 27 سمٽ“ جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ جاري تعاون کي وڌيڪ ??ڌا??ڻ جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ??زي??اعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي ڀائراڻن رابطن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جن جون پاڙون گڏيل عقيدي، ثقافت ۽ قدرن ۽ گڏيل حمايت جي لازوال روايت تي ڳنڍيل آهن. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان جي عوام خادم حرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود جو تمام گهڻو احترام ۽ سعودي عرب جي عوام سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿي. ??زي??اعظم ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ 20 لک پاڪستانين جي لاءِ سعودي عرب جي مهمان نوازي ۽ تعاون کي پڻ ساراهيو جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي اڳڀرائي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. رياض ۾ پنهنجي تازي ملاقات جو ذڪر ڪندي ??زي??اعظم شهباز شريف ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وڌندڙ اعليٰ سطحي رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سعودي ولي عهد جي پاڪستان جي ايندڙ دوري جي منتظر ??زي??اعظم چيو ته کيس اعتماد آهي ته هي دورو گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ??رڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن خاص طور تي ٻنهي ڀائر ملڪن جي عوام جي گڏيل مفاد ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ترقي ۽ عوام جي وچ ۾ رابطي کي ??ڌا??ڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ سعودي عرب جي امداد کي ساراهيندي ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته خاص طور تي اسرندڙ ملڪن ۾ ماحولياتي تبديلي جي ڪري ٿيندڙ زيان ۽ نقصان جي مالي مدد تي ڌيان ڏيڻ جي حوالي سان ”ڪوپ – 27“ جا ٺوس نتيجا نڪرندا. ??زي??اعظم ”مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو“ تحت ٺوس ماحولياتي قدمن جي فعاليت تي ولي عهد جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ سعودي قيادت کي پاڪستان پاران مڪمل معاونت جو يقين ڏياريو.