اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع جي ڪام??اب شاگردن ۽ انهن جي والدين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته دنيا فلم کي سياحت جي فروغ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، فلم جي ذريعي اسان پنهنجي ثقافت کي فروغ ڏئي سگهون ٿا، پا??ستان 1971ع ۾ دنيا جو چوٿون وڏو فلم پروڊيوسر ملڪ هو، پا??ستاني فلم انڊسٽري خاموش ٿي ته اسان جي ثقافت ۽ زبان به خاموش ٿي وئي، 2011ع ۾ فلم انڊسٽري ۾ ٻيهر بحالي جو عمل شروع ٿيو، پا??ستان جي پهرين نيشنل فلم اينڊ ڪلچر پاليسي 2017ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف شروع ڪئي، حڪومت 2022ع جي بجيٽ ۾ فلم انڊسٽري تي ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا آهن، يونيورسٽين ۾ فلم سازي جي حوالي سان نصاب به شروع ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع جي ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو خاص وزيراعظم محمد شهباز شريف هو جڏهن ته ڊي پي ورلڊ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان احمد بن سلائم، وفاقي وزير، اطلاعات ۽ نشريات واري س??ڪر??ٽري شاهيره شاهد سميت ناليوارا اداڪار ۽ شاگرد جا والدين پڻ تقريب ۾ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نيشنل اميچور فلم فيسٽيول پا??ستان جي نيشنل فلم اينڊ ڪچرل پاليسي جي ڪڙي آهي. هن چيو ته پا??ستان جي پهرين نيشنل فلم اينڊ ڪلچرل پاليسي جي شروعات اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف 2017ع ۾ ڪئي هئي، ان پاليسي تحت فريم ورڪ تيار ڪيو ويو هو پر ان تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو جنهن جي ڪري ان پاليسي تحت فراهم ڪيل فائدا فلم ميڪرز، پروڊيوسرز ۽ اداڪارن کي نه ملي سگهيا. هن چيو ته فلم سازي ۽ فلم پروڊڪشن کي رڳو تفريح جي ڏس ۾ نه پر اسڪرين ٽوئرازم، بياني سازي، تهذيب ۽ ثقافت جي زبان جي طور تي ڏٺو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان فلم ذريعي پا??ستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف فلم انڊسٽري جي ترقي ۾ خاص دلچسپي رکي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1948ع ۾ پا??ستان جي پهرين فلم جي شروعات ٿي ته ان وقت لاهور فلم پروڊڪشن جو مرڪز هو. پهرين فلم تيري ياد سان فلم پروڊڪشن جي شروعات ٿي. پا??ستان جي فلم انڊسٽري لالي ووڊ جي نالي سان مشهور ٿي، ان وقت پا??ستان جو بيانيو به تمام بهتر هو. هن چيو ته اسان پنهنجي ثقافت جي ذريعي دنيا سان ڳنڍيل هئاسين، 1971ع ۾ پا??ستان دنيا جو چوٿون وڏو فلم پروڊيوسر ملڪ هو، پا??ستان جي اندر فلم جي ڊيمانڊ هئي، پا??ستان جا ماڻهو پنهنجي ثقافت اسڪرين تي ڏسڻ پسندا ڪندا هئا جڏهن ته ڪيترائي اداڪار پا??ستان جي سڃاڻپ هئا. هن چيو ته ان دور کانپوءِ 25 کان 30 سالن جو عرصو پا??ستان فلم انڊسٽري جي لاءِ تمام مشڪل گذريو، اسڪرين تي اسان جو اميج به ڪمزور ٿي چڪو هو، پا??ستاني فلم انڊسٽري جي خاموشي سان گڏ اسان جي ثقافت ۽ زبان به خاموش ٿي وئي هئي. هن چيو ته 2011ع ۾ فلم انڊسٽري ٻيهر بحال ٿيڻ شروع ٿي، ان وقت اسان جي نوجوان نسل ۽ نئين پروڊيوسرز ان ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ فلم اهو ذريعو آهي جنهن کي ملڪن پنهنجي بيانيي جي جوڙجڪ جي لاءِ استعمال ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي انقلاب سان گڏوگڏ شارٽ فلم جي اهميت به وڌي رهي آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ دوران شارٽ فلم جي ڪري قومي ۽ عالمي سطح تي ٻوڏ سٽيلن جي حوالي سان ڪافي موبلائيزيشن ٿي، اها ئي شارٽ فلم جي طاقت آهي. هن چيو ته جڏهن پا??ستان جي پهرين فلم اينڊ ڪلچرل پاليسي جي شروعات ٿي ته وزيراعظم شهباز شريف ان وقت پنجاب جو وڏو وزير هو، 18 هين ترميم کانپوءِ فلم جيئن ته صوبائي سبجيڪٽ هو، ان وقت پنجاب ۾ سئنيما گهرن تي اينٽرٽينمينٽ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي. هن چيو ته شهباز شريف کي فلم انڊسٽري جو احساس هو، هن سئنيما گهرن تي انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي ختم ڪري ڇڏي هئي، فلم فنانس فنڊ پڻ قائم ڪيو ويو جيڪو بعد ۾ ختم ڪيو ويو. هن چيو ته 2022ع جي بجيٽ ۾ اسان پهرين نيشنل فلم اينڊ ڪلچرل پاليسي تي عملدرآمد جي شروعات ڪئي، ان پاليسي تحت فلم انڊسٽري تي ٽيڪس ختم ڪيا ويا، هاڻي پا??ستان ۾ فلم انڊسٽري تي زيرو ٽيڪس آهي. هن چيو ته نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول ۾ آءِ ايس پي آر ۽ اطلاعات واري وزارت اهم ڪردار ادا ڪيو. هن فيسٽيول ۾ ڪام??اب ٿيندڙ 15 شاگردن کي اسڪالرشپس ڏني پئي وڃي. انهن نوجوانن جي لاءِ اسڪالرشپس اسپانسر ڪرڻ تي ڊي پي ورلڊ جا پڻ ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پا??ستان جي يونيورسٽين ۾ فلم ميڪنگ جو نصاب به شروع ڪيو پيو وڃي، ان سان اسان جا شاگرد پا??ستان ۾ فلم سازي سکي سگهندا. هن چيو ته فنڪارن جي سپورٽ جي لاءِ فلم آرٽسٽ فنانس فنڊ شروع ڪيو ويو آهي جنهن جي اندر فنڪارن جي ميڊيڪل انشورنس جو بندوبست ڪيو پيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان يقين جو اظهار ڪيو ته جڪڏهن فلم انڊسٽري ائين ئي ترقي ڪندي رهي ته ايندڙ سالن ۾ پا??ستان جو بيانيو مثبت طريقي سان دنيا آڏو اجاگر ٿيندو. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي س??ڪر??ٽري شاهيره شاهد شارٽ فلم جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته اسان کي دنيا ۾ پا??ستان جو مثبت شخص اجاگر ڪرڻو آهي، ان مقصد جي لاءِ شارٽ فلمز مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته هن ڀيري شارٽ فلم جو ٿيم سمنڊ ۽ جبل آهي. تقريب کي ڊي پي ورلڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان احمد بن سلائم پڻ خطاب ڪيو.