اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف پڪي عزم ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌندا رهنداسين، پاڪستا?? جي سلامتي کي چئلينج ڪندڙن کي ڪٿي لڪڻ جي جڳهه نه ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ضلعي ڪرم جي علائقي ۾ دهشتگرد?? جي خلاف ڀرپور ڪارروائي تي پاڪ آرمي کي خراج تحسين ۽ شهيدن کي خراج ??قي??ت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيدن صوبيدار شجاع محمد، نائيڪ محمد رمضان، سپاهي عبدالرحمان کي شجاعت ۽ بهادري تي سلام پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف پڪي عزم ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌندا رهنداسين. پاڪستا?? جي سلامتي کي چئلينج ڪندڙن کي ڪٿي لڪڻ جي جڳهه نه ملندي. هن چيو ته قوم ??ون دعائون پنهنجي بهادر فوج سان گڏ آهن. وزيراعظم شهيد?? جي گهرڀاتين سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ پونيئرن کي صبر جميل ڏي.