اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنرمند ماڻهن کي حصيدار بڻائي رهيا آهيون، منهنجي هدايت تي منصوبابندي وارو وزير چيمپيئن آف ريفارمز (سي او آر) نيٽ ورڪ جي شروعات ڪرڻ وڃي رهيو آهي، اهو نيٽ ورڪ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو جنهن ۾ ملڪ جي ماهرن جون خدمتون ورتيون وينديون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پ??ريون ڀيرو وڏي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بهترين ٽيلينٽ کي است??ما?? ۾ آندو ويندو. هنرمند پاڪستاني ملڪ جو فخر آهن جن عالمي سطح تي مختلف شعبن ۾ پ??هنجو مقام بڻايو. درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنرمند ماڻهن کي حصيدار بڻائي رهيا آهيون. سي او آر نيٽ ورڪ هڪ اهڙي پليٽ فارم طور تي خدمتون سرانجام ڏيندو جتي قوم جي خدمت جي لاءِ چوٽي جا ماهر گڏجي ويهندا. پاڪستان جي تاريخ ۾ پ??ريون ڀيرو اسان عملي رستي طرف گامزن ٿي رهيا آهيون جتي اسان پنهنجي بهترين ٽيلينٽ جي حصيداري سان ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪنداسين.