اسلام ??باد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ صنعت، زراعت، آءِ ٽي، توانائي جي شعبن ۾ تيزي سان ترقي ۽ معاشي استحڪام ??ي بجيٽ آهي، نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن ۽ نوجوانن جو مستقبل سنوارڻ سدائين وانگر منهنجي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف هڪ بيان ۾ چي?? ته بجيٽ 24 – 2023ع نوجوانن جي ترقي، ڪاروبار ۽ روزگار جي تاريخي بجيٽ آهي، مايوسين کي ختم ڪرڻ، ملڪ ۽ قوم جي تعمير ۽ ترقي ۽ خوشحالي سان نئون اعتماد ۽ اميد بحال ڪرڻي پوندي، ايندڙ مالي سال پاڪستان ۽ عوام ??ي آمدني وڌائڻ جو سال ثابت ٿيندو. شهباز شريف چي?? ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ صنعت، زراعت، آءِ ٽي، توانائي جي شعبن ۾ تيزي سان ترقي ۽ معاشي استحڪام ??ي بجيٽ آهي، نوجوانن کي ر??زگار گهرندڙ بدران روزگار ڏيندڙ ڪاروبار ٺاهڻ جا موقعا شامل آهن، نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن ۽ نوجوانن جو مستقبل سنوارڻ سدائين وانگر منهنجي اولين ترجيح آهي، آءِ ٽي، زراعت، صنعت ۾ ڪاروبار جي شروعات سان نوجوانن کي پاڪستان جي ترقي جو معمار بڻائڻو آهي. وزيراعظم چي?? ته نوجوانن کي هڪ لک ليپ ٽاپ، ننڍا ۽ رعايتي قرض ڏئي ر??يا آهيون، نوجوانن جي حوصلا افزائي جي لاءِ بجيٽ ۾ آءِ ٽي ڪاروبار ۾ ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني آهي، 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ آبادگار پئڪيج سان زراعت ۽ آبادگار جي بهتري جو سفر وڌيڪ تيز ٿيندو. هن چي?? ته بجيٽ 24 – 2023ع جي ذريعي زرعي شعبي جي لاءِ مراعتون جاري رکنداسين. انهن قدمن سان غذائي تحفظ حاصل ٿيندو، نوجوانن کي زرعي قرض ۾ حصيدار بڻائي ر??يا آهيون. آبادگارن، نوجوانن کي زرعي ۽ ڪاروباري قرضن سان آبادگار، نوجوان ۽ پاڪستان خوشحال ٿيندو.