اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) مختلف سياسي جماعتن سان تعلق رکند?? سينيٽ جي م??مبرن ايندڙ مالي سال 24-23ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو ورتو. هنن چيو ته ملڪ کي م??ثاقِ جمهوريت کانپوءِ هاڻي م??ثاقِ معيشت جي ضرورت آهي. سياسي وابستگين سان مٿاهون ٿي م??ڪ جي معيشت جي بحالي ۽ معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ گڏ ويهڻو پوندو. بلوچستان ۾ ترقياتي م??صوبن ۽ ڊيمن لاءِ وڌيڪ رقم رکي ويندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 24-23ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر رخسانه زبيري چيو ته ملڪ کي م??ثاقِ جمهوريت کان پوءِ هاڻي م??ثاقِ معيشت جي ضرورت آهي. آءِ ٽي جو شعبو تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي. ان تي سيلز ٽيڪس ۽ ڪيپيٽل گين ٽيڪس گهٽ ٿيڻ گهرجي. تڪرارن ۽ ٽيڪسن جي مسئلن جي حل لاءِ 2 رڪني ڪميٽي بنائي وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ توانائيءَ جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ سولر انرجي کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ شمسي توانائي جي اوزارن تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ گهرجي. سينيٽر فدا محمد چيو ته ملڪ هن وقت مسئلن ۾ گهيريل آهي، سياسي وابستگين سان مٿاهون ٿي م??ڪ جي معيشت جي بحالي ۽ معاشي بحران کان نڪرڻ لاءِ گڏ ويهڻو پوندو. هن چيو ته ايوان جو تقدس ضروري آهي. تعليم، صحت جي لاءِ فنڊ گهٽ آهن ان ۾ واڌ ڪئي وڃي. سينيٽر عبدالقادر چيو ته ملڪ کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ ماضيءَ ۾ سخت ??يص??ا ڪرڻ گهرجن ها. ماضيءَ ۾ ملڪي استحڪام بدران پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ??يص??ا ڪيا ويا. ڪرپشن، بدانتظامي ۽ بجلي جي چوريءَ کي ڪنٽرول ڪريون ته گردشي قرضا ختم ٿي ويندا. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. معاشي استحڪام لاءِ پاليسيون بنائڻيون پونديون. ڊالر جي قيمت وڌڻ سان معاشي بحران وڌي ويو. آءِ ايم ايف سان معاملا طئي نه ٿيا ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته آءِ ٽي ۽ دوائن جي روانگي واپار تي توجهه ڏيڻ گهرجي ۽ آئينده 10 سالن ۾ روانگي واپار 50 ارب ڊالرن تائين ??ئڻ گهرجي. ملڪ ۾ ترقياتي م??صوبن ۽ ڊيمن لاءِ وڌيڪ فنڊز رکيا وڃن.