اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان پاڪستان جي سرڪاري ??ور?? تي اسلام آباد پهچي ويو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اسلامي جمهوريه ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان 2 کان 4 آگسٽ تائين پاڪستان جو پهريون ٻطرفو ??ور?? ڪري رهيو آهي. ايراني پرڏيهي وزير اڄ خميس ڏينهن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪندو. ملاقات دوران وسيع ايجنڊا ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن ۽ اڀرندڙ علائقائي صورتحال تي خيالن ??ي ڏي وٺ شامل آهي. ايراني پرڏيهي وزير عبداللهيان وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اتفاق راءِ تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪندا. ايراني پرڏيهي وزير قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين سان پڻ ملاقات ڪندو ??ن ۾ ٻنهي طرفن جا اڳواڻ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪندا. ان کان اڳ اقتصادي ۽ واپار معاملن واري نائب پرڏيهي وزير، رستن ۽ شهري ترقي، سيڙپڪاري، زراعت، توانائي وغيره جي وزارتن جي سينيئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد پرڏيهي وزير جي ??ور?? بابت تيار??ن جي لاءِ ملاقاتون ڪيون. ايراني پرڏيهي وزير عبداللهيان جو هي ??ور?? ٻنهي ڌر??ن جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو هوندو ??نهن ۾ علائقائي رابطن، توانائي ۽ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو.