اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) چين جي نائب و??يراعظم هي لي فينگ جو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات جي لاءِ وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اچڻ تي وزيراعظم هائوس جي مرڪزي دروازي تي معزز مهمان جو استقبال ڪيو. بعد ۾ هن وفاق?? ڪابينا جي ميمبرن بشمول بلاول ڀ??و زرداري، اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، سيد ??ويد ??مر، احسن اقبال، سعد رفيق، مريم اورنگزيب، حنا رباني کر ۽ طارق فاطمي تي ٻڌل پنهنجي وفد جو چيني نائب و??يراعظم سان تعارف ڪرايو. ان کانپوءِ چيني وفد جو وزيراعظم شهباز شريف سان تعارف ڪرايو ويو. واضح رهي ته پاڪستان حڪومت جي دعوت تي صدر شي جن پنگ جو خصوصي ايلچي، چين جو نائب و??يراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي پولٽ بيورو جو ميمبر هي لي فينگ پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته چين جي نائب و??يراعظم ۽ وفد جو پاڪستان اچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪرڻ تي خوشي ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هي لي فينگ ۽ سندس وفد سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم چيو ته چين جو اعليٰ سطحي وفد گيم چينجر منصوبي تحت ٿيندڙ اڳڀرائي جو مشاهدو پڻ ڪندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:35