اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪ?? دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ شڪر پڙيان ۾ قومي يادگار تي گل چاڙهيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سول??گي به نگران وزيراعظم سان گڏ هو. نگران وزيراعظم دفاع جي ڏهاڙي جي حوالي سان قومي يادگار شڪر پڙيان ۾ ٿيند?? تقريب ۾ شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم آزادي جي جدوجهد جي هيروز، ملڪ جي دفاع، ??ست??ڪام ۽ تحفظ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا به ڪئي.