اسلام آباد -17 سيپٽمبر (ا?? پي پي) نگران وزيرا??ظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي 5 ڏينهن جي دوري تي آمريڪا لاءِ روانو ٿي ويو آهي. هو نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78هين اجلاس کي خطاب ڪندو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا آفيس طرفان جاري بيان مطابق نگران وزيرا??ظم نيويارڪ ۾ جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت سان گڏوگڏ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. نگران وزيرا??ظم آمريڪا ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کان علاوه موسمياتي تبديلي تي منعقد ٿيندڙ اهم ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. انوار الحق ڪاڪڙ ان دوري ۾ عالمي سڌ سماءَ وارن ذريعن جي نمائنسن سان به ملاقاتون ڪندو ۽ آمريڪا جي مشهور ٿنڪ ٽينڪس جو ب?? دورو ڪندو.