اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ وڌيڪ مض??وط معاشي، تعليمي ۽ ثقافتي رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زو?? ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان بحرين سان ڀائراڻن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ ب??رين جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ثاقب رئوف سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستاني سفارتخانا پاڪستان مان هنرمند ليبر فورس جي مٽاسٽا ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ تي ڪم ڪن. صدر چيو ته پاڪستان کان قابل قدر مصنوعات جو روانگي واپار وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته نامزد سفير بحرين سان ٻطرفي واپار ۽ ا??را??ي قوت جي درآمد تي ڌيان ڏي. صدر چيو ته مختلف سماجي ۽ اقتصادي شعبن خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت ۾ هنرمند ا??را??ي قوت جي گهرج وڌي رهي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي نامزد سفير کي مبارڪباد ڏيندي سندس لاءِ بحرين ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.