مدينه منوره – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ مسجد نبوي ﷺ ويو جتي هن روضه رسول ﷺ تي حاضري ڀري، رياض الجنه ۾ نفل ادا ڪيا ۽ دعائون گهريون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم مسجد نبوي ﷺ جي ڀرپاسي عالمي ميلي ۽ سيرت نبوي ﷺ ۽ ??سل??مي تهذيب سان لاڳاپيل عج??ئب گهر جو دورو ڪيو. ميوزيم جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي سيڪريٽري ڊاڪٽر ناصر مسفيرالزهراني سندس شاندار استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم کي دور?? جي موقعي تي تاريخي عج??ئب گهر بابت جامع بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ نبي آخرالزمان ﷺ جي زندگي ۽ تعليم سان گڏوگڏ ??سل??مي تهذيب کي پڻ اجاگر ڪيو ويو آهي. نگران وزيراعظم ميوزيم کي ساراهيندي ??سل??مي ورث?? جي تحفظ ۽ ان کي نمايان ڪرڻ جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. ڊاڪٽر ناصر مسفيرالزهراني نگران وزيراعظم کي شيلڊ ۽ ڪتاب پيش ڪيا جيڪو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ??سل??مي ورثي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي فروغ جي رشت?? جي علامت آهي. مدينه منوره ۾ عالمي ميلي ۽ ميوزيم پيغمبر ??سل??م حضرت محمد ﷺ جي زندگي ۽ ??سل??مي تهذيب نمايان ڪرڻ جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي. اهو ميوزيم نمائشن ۽ ملٽي ميڊي?? تي پريزنٽيشنز سان گڏ هڪ عميق تجربو پيش ڪري ٿو ۽ پيغمبر ??سل??م حضرت محمد ﷺ بابت تاريخ، اهم واقعن ۽ تعليم تي روشني وجهي ٿو، هن ميوزيم ۾ مختلف شعبن ۾ ??سل??مي تهذيب جي ڪاميابين کي پڻ ڏيکاريو ويو آهي، ميوزيم بين المذاهب مقالمي، افهام تفهيم جي فروغ ۽ متنوع عقيدين ۽ گهرجن جي احترام جي فروغ جو مرڪز آهي.