ڪوئيٽا-19 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ بلوچستان جا ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، 50 سالن جا مسئلا هڪ ڏينه?? ۾ ??ل نٿا ٿي سگهن، پر وفاقي حڪومت صوبي ۾ معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اها ڳالهه هن سردار بهادر خان ويمن يونيورسٽي ۾ شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته اسان بلوچستان جي شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هتي آيا آهيون، ماضي جي حڪومتن تعليم تي وڌيڪ ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي ان لاءِ وڌيڪ فنڊ رکيا ويا. اسان جي ڪوشش آهي ته بلوچستان جي تعليمي ادارن جا مسئلا سنجيدگي سان حل ڪريون، هن وقت بلوچستا?? ۾ ??ڀ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جيتوڻيڪ ارڙهين ترميم کانپوءِ تعليم جو شعبو صوبن وٽ هليو ويو آهي پر ان باوجود وفاقي حڪومت صوبي ۾ معياري تعليم کي هٿي ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي. هن چيو ته اسان وچن ڪريون ٿا ته سمورن صوبن لاءِ هڪ اهڙي تعليمي پاليسي بڻايون جيڪا ايندڙ حڪومتن لاءِ مشعل راهه هجي، هن چيو ته 50 سالن جا مسئلا هڪ ڏينه?? ۾ ??ل نٿا ٿي سگهن پر ان ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي، جيستائين ش??گردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم جا معياري موقعا فراهم نٿا ڪيا وڃن انهن لاءِ ع??لي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ ??شڪ?? هوندو، هن چيو ته صوبي ۾ تعليم کي وڌ کان وڌ هٿي ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته سردار بهادر خان ويمن يونيورسٽي جي خضدار ۽ پشين ڪيمپس لاءِ 50 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا ويا آهن جنهن سان يونيورسٽي ۾ معياري تعليم ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، تقريب جي آخر ۾ وفاقي وزير شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهايا.