اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ??يو آهي ته پاڪستان سدائين کان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي، ايوان صدر مان فلسطين بابت جاري ٿيندڙ صدر جي بيان تي پرڏيهي وزارت پاران وضاحت ڪئي وئي هئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ صدر جي فلسطين جي صدر سان ٽي??يفون تي ڳا??هه ٻو??هه کانپوءِ ايوان صدر پاران جاري ٿيندڙ بيان بابت سينيٽر ميان رضا رباني جي اعتراض واري نقطي جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباسي جيلاني ??يو ته ايوان صدر مان صدر جو جيڪو بيان جاري ڪيو ويو ان ۾ پرڏيهي وزارت کان ڪا راءِ نه ورتي وئي هُئي، صدر هڪ رياستي حل جي ڪهڙي تناظر ۾ ڳا??هه ڪئي ان جي مون کي خبر نه آهي، ڇو ته پاڪستان جو سدائين ٻه رياستي حل جو موقف رهيو آهي جنهن جو بنياد 1967ع جي سرحد، گڏيل قومن جي قرارداد 242 ۽ او آءِ سي جُون قراردادون آهن. جڏهن صدر جو بيان جاري ٿيو ته اسان کي به ه?? وضاحت جاري ڪرڻي پئي ۽ اها وضاحت اسان او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ گڏيل قومن سميت لاڳاپيل ادارن کي پڻ موڪلي، ان وضاحت کي نه رڳو ملڪي پر غيرملڪي ميڊيا ۾ پڻ اجاگر ڪيو ويو.