لاهور – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? آهي ته موسمياتي تباهي سڀ کان وڏو چئلينج آهي، ملڪ کي غيرمعمولي چئلينجز درپيش آهن جن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ تحقيق ۽ علم حاصل ڪرڻ لازمي آهي، علم حاصل ڪرڻ سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. اها ڳالهه هن انفا??مي??ن ٽيڪنالاجي يونيورسٽي پنجاب جي چوٿين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چ??ي. ??ن موقعي تي پنجاب جو گورنر بليغ الرحمان، وائيس چانسلر آءِ ٽي يو پروفيسر ڊاڪٽر عدنان نور، مختلف يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز، فيڪلٽي ميمبر ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ موجود هو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چي?? ته پاڪستان کي غيرمعمولي چئلينجز درپيش آهن جن ۾ معاشي بدحالي، عدم برداشت ۽ پرتشدد رويا شامل آهن. انهن چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ شاگردن جي اهم ڪردار تي زور ڏ??ندي هن چي?? ته قومون چئلينجز کي منهن ڏينديون آهن، چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعليم سڀ کان اهم ذريعو آهي، انسانيت سمورن مذهبن جو نصب العين رهي آهي ۽ اهو ئي مقصد تعليم جو آهي ته اسان هڪ بهتر انسان بڻجون. هن چي?? ته موسمياتي تباهي سڀ کان وڏو چئلينج آهي، موسمياتي ايمرجنسي جا اثر هر ڏ??نهن ڏسون ٿا، اسان کي قدرتي ماحول جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. منفي پروپئگنڊه جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڏ??ندي نگران وفاقي وزير چي?? ته بدقسمتي سان هن وقت ڪجهه ماڻهو ريٽنگ جي چڪر ۾ سوشل ميڊيا تي غلط ۽ ڪوڙيون خبرون ڦهلائين ٿا جنهن جو اسان کي مقابلو ڪرڻو پوندو. هن چي?? ته انفا??مي??ن ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جهڙيون ريسرچ يونيورسٽيون جنهن بنياد تي قائم ٿيون آهن، جيڪڏهن ان کي برقرار رکيو وڃي ته مشڪلاتن جو حل نڪري ايندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ان حوالي سان ناليواري جرمن ڊراما نگار بهٽولٽ بريٽ جي مشهور ڊرامي ”دي ايڪسيپشن اينڊ دي رول“ (ڇوٽ ۽ قاعدو) جي پرولاگ جو پڻ حوالو ڏنو. ڪانووڪيشن ۾ 524 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون ويون جڏهن ته 5 شاگردن کي پي ايڇ ڊي ۽ 16 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو. ان کان اڳ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان سان گڏ انفا??مي??ن ٽيڪنالاجي يونيورسٽي پنجاب ۾ شاگردن جي لاءِ هاسٽل جي پيڙهه جو پٿر رکيو.