اس??ام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران پرڏي??ي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پرڏي??ي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ سميت پاڪستان جي ٻاهرئين دنيا سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي سطح تي ان جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ ڪم جاري رکندا. نگران پرڏي??ي وزير اهڙن خيالن جو اظهار پرڏي??ي وزارت ۾ بيٽ رپورٽرز سان سال جي پڄاڻي تي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. نگران پرڏي??ي وزير عالمي پرڏيهي پاليسي جي دائري ۾ پاڪستان جي ڪاميا??ين جو جائزو ورتو ۽ قيادت جي اعليٰ سطحي دورن تي روشني وڌي جيڪي اهم ملڪن سان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو سبب بڻيا آهن. ان موقعي تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ، اخبارن ۽ ٽيليويزن سميت ميڊيا جا نمائندا، اس??ام آباد ۾ رهندڙ غيرملڪي نمائندا ۽ پرڏي??ي وزارت جا عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري رياض کوکر جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي جيڪو گذريل ڏينهن اس??ام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.