اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ??اڻ?? جي زيان جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي ضرورت آهي، گذريل هڪ سال دوران اسلام آباد ۾ ٽي فلٽري??ن پلانٽ هنيا ويا آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد، سينيٽر مهر تاج روغاني ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسلام آباد ۾ مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي صاف ??اڻ?? جو مسئلو آهي، ان کي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا و??ن، ??اڻ?? جو زيان هڪ مسئلو آهي، اهو اهڙو معاملو آهي جيڪو رڳو ڏن?? سان حل ٿيڻ وارو نه آهي ان جي لاءِ عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي، بدقسمتي سان اشرافيه جيترو ??اڻ?? ضايع ڪري ٿي غريب ماڻهو ايترو ضايع نه ٿا ڪن. هن چيو ته قوم عوامي نمائندن جي چونڊ استحصالي نظام جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ ڪري ٿي، جيڪڏهن اهي اهو نه ٿا ڪري سگهن ته اها ناڪامي آهي. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران اسلام آباد ۾ ٽي فلٽري??ن پلانٽ هنيا ويا آهن.