اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد جي هدايت تي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر جي چيف ڪئميره مين احمد خا?? سولنگي ۽ ڪئميره مين ظف?? علي جي پونئيرن جي لاءِ مالي امداد جي منظوري ڏني وئي. جاري پڌرائي موجب پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد مبشر توقير شاهه چيف ڪئميره مين احمد خا?? سولنگي جي پونئيرن جي لاءِ 24 لک رپيا ۽ ڪئميره مين ظف?? علي جي پونئيرن جي لاءِ 15 لک رپين جي مالي گرانٽ جي منظوري ڏني. پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد مبشر توقير شاهه ان موقعي تي چيو ته پي ٽي وي پنهنجي ملازمن جي ڀلائي کي سدائين ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته فوت ٿيندڙ ٻئي ملازم ڪئميره ذريعي پاڪستان جي مختلف علائقن جي ڪوريج قوم آڏو اسڪرين تي آندي، انهن جي اداري لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ان جا ملازم پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. پي ٽي وي جي ايم ڊي سيد مبشر توقير شاهه احمد خا?? سولنگي ۽ ظف?? علي جي اداري جي لاءِ شاندار خدمتن تي کين خراج عقيدت پيش ڪيو. واضح رهي ته پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر جو چيف ڪئميره مين احمد خا?? سولنگي ۽ ڪئميره مين ظف?? علي گذريل ڏينهن ڊيوٽي دوران ڪراچي سوراب روڊ تي ڪار ۽ ويگن جي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويا هئ??.