اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ باجوڙ ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس اهلڪارن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پوري قوم سيڪيور??ي اهلڪارن ۽ پوليو ورڪرز کي سلام پيش ڪري ٿي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. نگران وز??راعظم حملي ۾ ز??مي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي ۽ کين هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته پوري قوم سيڪيور??ي اهلڪارن ۽ پوليو ورڪرز کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته دهشتگرد ڪڏهن به پنهنجي ڪڌي مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. نگران وز??راعظم چيو ته ملڪ مان پوليو وائرس جي مڪمل خاتمي تائين پوليو جي خاتمي واري مهم ڀرپور طر??قي سان جاري ر??ند??، عوام پوليو ويڪسين جي حوالي سان ڪنهن به منفي پروپئگنڊه جي دوکي ۾ نه اچي. هن چيو ته الزهره يونيورسٽي ۽ سڄي دنيا جا عالم پوليو جي خاتمي جي پروگرام جي توثيق ڪري چڪا آهن.