اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ا??يڪ??ن ڪميشن آف پاڪستان جون مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جا آئيني طور تي پابندي آهيون. ا??يڪ??ن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ بابت معاملن جو پي ٽي آءِ بهتر ??ڌائي سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون، غيرجانبداراڻيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي آئيني ذميواري ا??يڪ??ن ڪميشن آف پاڪستان جي آهي. نگران حڪومت آئيني ۽ قانوني حڪومت آهي، اسان ا??يڪ??ن ڪميشن سان گڏ آهيون. هن چيو ته حڪومت ا??يڪ??ن ڪميشن جي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي آئيني طور تي پابند آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي جا مسئلا حقيقي آهن، اسان کي ان جو ادراڪ آهي، ان کي بهتر ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ملڪ ۾ سوال اٿارڻ تي ڪا به پابندي نه آهي، چونڊون انشاءَ الله 8 فيبروري 2024ع خميس ڏينهن ٿينديون. 8 فيبروري تي پولنگ اسٽيشنن ٻاهران عوام جون قطارون نظر اينديون.