اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??يو آهي ته اليڪشن ڪ??يشن آف پاڪستان خميس ڏينهن 8 فيبروري 2024ع تي چونڊن ج?? پنهنجي واعدي ۽ عزم تي قائم آهي، وفاقي ۽ صوبائي نگران حڪومتون ان ذميواري کي ادا ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪ??يشن جي هر قسم جي انتظامي، مالي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪ??ديون. اها ڳالهه هن سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس ت?? پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيٽ مان منظور ٿيندڙ قرارداد نمبر 562 جي حوالي سان اليڪشن ڪ??يشن آف پاڪستان پاران سينيٽ سيڪريٽريٽ کي لکيل خط به شيئر ڪيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ مان منظور ٿيل قرارداد بابت اليڪشن ڪ??يشن جي اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اجلاس ۾ مشاهدو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪ??يشن صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان جي مشاورت سان 8 فيبروري 2024ع تي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ تاريخ مقرر ڪئي. اليڪشن ڪ??يشن امن امان جي بحالي لاءِ نگران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ ۽ 2024ع جون عام چونڊون پرامن انعقاد جي لاءِ ووٽرز کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪ??ون آهن. اليڪشن ڪ??يشن 2024ع جي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. اليڪشن ڪ??يشن 2024ع جي عام چونڊن بابت عدالت ۾ پنهنجي ڪمٽمينٽ به جمع ڪرائي آهي. اي سي پي چيو آهي ته ماضي ۾ به عام چونڊون ۽ بلدياتي چونڊون سرديءَ جي موسم ۾ ٿينديون رهيون آهن، انهن حقيقتن جي روشني ۾ اليڪشن ڪ??يشن جي لاءِ ان مرحلي تي 2024ع جي عام چونڊن کي ملتوي ڪرڻ مناسب نه هوندو.